ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ

صالح ميمڻ ڊاڪٽر

صالح ميمڻ، ڊاڪٽر: سنڌ جي نامياري ماهر ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ 6 اپريل 1926ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي ۾ استاد حاجي ابو طالب ميمڻ جي گهر جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڏيپلي ۾ پنج درجا انگريزي پاس ڪري 1941ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ميرپورخاص ۾ داخل ٿيو، جتان 1943ع ۾ سٺي پوزيشن سان مئٽرڪ پاس ڪري ڊي. جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ انٽر سائنس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، جنهن ڪري کيس 1945ع ۾ اسڪالرشپ تحت گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج، بمبئي ۾ داخلا ملي. بمبئي ۾ ٻه سال پڙهيو ۽ پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد 1947ع ۾ سنڌ واپس اچي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان سڄي سنڌ مان پهرين پوزيشن سان پاس ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان گولڊ مڊل ڏنو ويو. عملي زندگيءَ جو آغاز ڊائريڪٽر بلڊ بئنڪ، حيدرآباد طور ڪيائين 1953ع ۾ جيڪب آباد ۾ سول سرجن مقرر ٿيو، جتان حڪومت کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن موڪليو، جتي هن ميڊيڪل جا مکيه چار امتحان: ايم.آر. ايف. پي (لنڊن)، ايم. آر،ايف، پي (ايڊنبرگ)، ايف. آر. ايف. پي (گلاسگو)، ايف. آر.ايف. پي ۽ ڊي. سي. ايم(انگلينڊ) پاس ڪري 1957ع ڌاري موٽي آيو. سنڌ واپس اچڻ کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو اسسٽنٽ پروفيسر، پرنسپال ۽ پروفيسر آف ميڊيسن مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ۽ پوءِ سول اسپتال ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهيو. 1986ع ۾ صحت کاتي، سنڌ جي سيڪريٽري جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. ان کان علاوه آغا خان ميڊيڪل ڪاليج/ يونيورسٽيءَ جي ميڊيسن شعبي جو اعزازي پروفيسر ۽ پي. جي. اي (P.G.A) ۾ ماهر امراض (ميڊيڪل اسپيشلسٽ) ٿي رهيو. هن پنهنجي شهر ڏيپلي ۾هڪ هيلٿ سينٽر به قائم ڪرايو. کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پڻ تمام گهڻي دلچسپي هئي. سندس هڪ ڪتاب ‘مونجهارن ۾ ڦاٿل هڪ شخص’ شايع ٿيل آهي. هن ماهر ڊاڪٽر 30 جنوري 2005ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.06  عيسوي

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ 6 اپريل 1926ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي ۾ استاد حاجي ابو طالب ميمڻ جي گهر جنم ورتو.


2005.01.30  عيسوي

ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ 30 جنوري 2005ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رائچند هريجن
شبير ڪنڀار
استاد رسول بخش ڪلهوڙو
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
ضياءَ الدين احمد عباسي
آغا شمشاد مغل
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
ڀٽو محمد اسماعيل
شاهل محمد ڪلهوڙو
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون